پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر انضمام الحق ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ لاءِ 18رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر انضمام الحق ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ لاءِ 18رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي، سمورا رانديگر 3کان 10 سيپٽمبر تائين قذافي اسٽيڊيم ۾ ٽريننگ ڪيمپ ۾ شرڪت ڪندا.

قومي چيف سلڪيٽر انضام الحق ڪپتان سرفراز احمد ۽ هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد 18رڪني ٽيم جو اعلان ڪيو آهي.

پي سي بي ايبٽ آباد جي فٽنس ڪيمپ ختم ٿيڻ بعد 18رڪني رانديگرن کي ٽريننگ ڪيمپ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي، آلرائونڊر عماد وسيم پڻ ڪيمپ جو حصو هوندو.

18رڪني اسڪواڊ ۾ ڪپتان سرفراز احمد، فخرزمان، امام الحق، شان مسعود، محمد حفيظ،بابر اعظم، شعيب ملڪ، آصف علي، حارث سهيل، شاداب خان،محمد نواز، عماد وسيم، حسن علي، عثمان شنواري، محمد عامر، جنيدخان، شاهين شاهه آفريدي ۽فهيم اشرف شامل آهن.

ڪيمپ ۾ پهرين 3سيپٽمبر تي رانديگرن جا فٽنس ٽِيسٽ ورتا ويندا ۽ ان سان گڏ ئي ٽريننگ جي شروعات ڪئي ويندي.

واضح رهي ته ايشيا ڪپ جي جي حتمي ٽيم جو اعلان 5 سيپٽمبر تي ٿيڻ جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*