ٺٽي ڀرسان پوليس موبائيل جو رڪشا کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ رڪشي ۾ سوار ٻن ٻارڙن  ۽ ٽن عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي، حادثي کانپوءِ موبائيل ۾ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

ٺٽي ڀرسان پوليس موبائيل جو رڪشا کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ رڪشي ۾ سوار ٻن ٻارڙن  ۽ ٽن عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي، حادثي کانپوءِ موبائيل ۾ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻن ٻارڙن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.

مڪلي ڀرسان تيز رفتار پوليس موبائيل جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر لڳڻ ڪري ٻن ٻارڙن ۽ ٽن عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

حادثي کانپوءِ  زخمين کي پوليس موبائيل ۾ کڻي مڪلي جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.

زخمين ۾ عورت زاھده، امينا، حاجياڻي، ٻارڙو شھزاد ۽ ضامن علي  شامل آهن، جن مان ٻنهي ٻارڙن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*