آصف زرداري تي پروينشن آف ڪرپشن ايڪٽ لاڳو نه ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته هو سرڪاري ملازم ناهي ۽ هن تي مني لانڊرنگ به لاڳو نه ٿي ٿئي, فاروق ايڇ نائيڪ

آصف زرداري جي وڪيل ۽ پ پ اڳواڻ فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سرڪاري ملازم ناهي، ان ڪري مٿس پروينشن آف ڪرپشن ايڪٽ لاڳو نه ٿو ٿئي نه وري مٿس مني لانڊرنگ لاڳو ٿئي ٿي.

ڪراچي ۾ بئڪنگ ڪورٽ ٻاهران  ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آصف زرداري تي پروينشن آف ڪرپشن ايڪٽ لاڳو نه ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته هو سرڪاري ملازم ناهي ۽ هن تي مني لانڊرنگ به لاڳو نه ٿي ٿئي.

هن چيو ته آصف زرداري تي ڪاري ناڻي کي اڇو ڪرڻ جو به الزام ناهي ۽ نه ايف آءِ آر ۾ اهڙو ڪو ذڪر آهي، افسوس بنا ڪنهن ثبوت تي آصف زرداري کي مفرور ظاهر ڪيو ويو.

 فاروق ايڇ نائيڪ چيو نته سڀني کي خبر آهي ته اليڪشن ٿي رهي آهي، آصف زرداري اليڪشن ۾ مصروف هو ۽ مصروفيتن سبب کيس مفرور ظاهر ڪرڻ حيران ڪُن آهي.

هن  چيو ته موجوده وفاقي گهرو وزير کي اهي معاملا ڏسڻ گهرجن، سرڪاري ادارن کي غلط استعمال ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن معاملا ايئن ئي هلندا رهيا ته ماڻهن جو اعتماد ختم ٿي ويندو.

 هڪ سوال جي جواب ۾ فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته آصف زرداري سان زيادتي ٿي رهي آهي، قانون جي آڙ ۾ کيس پريشان ڪيو پيو وڃي.

 هن چيو ته آصف زرداري کي سياسي انتقام جو نشانو نشانو بڻايو ويو، هو 9 ورهين تائين جيل ۾ رهيو، 9 سالن تائين ڪو به ڪيس مٿس ثابت نه ٿيو ته کيس آزاد ڪيو ويو.

هڪ سوال جي جواب ۾ آصف زرداري جي وڪيل چيو ته هرجاڻي جي دعويٰ جا قانون تمام گهڻو ڪمزور َآهن، ان سلسلي ۾هرجاڻي جي دعويٰ بابت مشاورت ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*