سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾پوليس اهلڪار سوڌو 2 ڄڻا فوت ٿي ويا

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾پوليس اهلڪار سوڌو 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ميرپورماٿيلي ويجهو  ڪوري کوهه بس اسٽاپ وٽ  ٽرڪ جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾موٽرسائيڪل سوار پوليس اهلڪار عبدالڪريم رند فوت ٿي ويو.

فوتي اهلڪار جو مڙهه سول اسپتال ميرپورماٿيلي پهچايو ويو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو، جيڪي اباڻي ڳوٺ چوڪ ماڙي کڻائي ويا.

هوڏانهن نصيرآباد ڀرسان انڊس هاءِ وي تي چنڙ مُقام وٽ ٽرڪ جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 35 ورهين جو ظهور ڪلهوڙو فوت  ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*