احتساب عدالت ناڻي واري اڳوڻي وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس دوران شاهد اشتياق احمد کي ايندڙ ٻڌڻي تي وڌيڪ دستاويز کڻي اچڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 5 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

احتساب عدالت ناڻي واري اڳوڻي وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس دوران شاهد اشتياق احمد کي ايندڙ ٻڌڻي تي وڌيڪ دستاويز کڻي اچڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 5 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ناڻي واري اڳوڻي وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس جي ٻڌڻي جج محمد بشير ڪئي.

ٻڌڻي دوران شاهد عمر دراز جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته نيب جي ٻئي شاهد بشارت محمود جو بيان به قلمبند ڪيو ويو.

عدالت وڌيڪ ٽن شاهدن اشتياق احمد، محسن احمد ۽ طارق سليم کي به  ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪندي شاهد اشتياق احمد کي وڌيڪ دستاويز کڻي اچڻ جو حڪم ڏنو.

احتساب عدالت اسحاق ڊار خلاف اثاثن واري ريفرنس جي ٻڌڻي 5 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*