پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پرڏيهي آفيس ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿيون آهن

پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پرڏيهي آفيس ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿيون آهن، ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف هم منصب شاهه محمود قريشي سان ملاقات به ڪئي آهي.

پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ پرڏيهي آفيس ۾ وفد جي صورت ۾ اعليٰ سطحي ڳالهيون ٿيون آهن.

ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف پرڏيهي آفيس پهتو ته هم منصب شاهه محمود قريشي سندس استقبال ڪيو.

ٻنهي ملڪن وچ ۾ پرڏيهي آفيس ۾ هلندڙ ڳالهين دوران ٻطرفن لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون.

 ڳالهين دوران پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعا،  پرڏيهي کاتي جو ترجمان ڊاڪٽر فيصل سميت ٻيا عملدار موجود هئا.

واضح رهي ته ايراني  پرڏيهي وزير  جو ٻن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم عمران خان ، سياسي ۽ عسڪري عملدارن سان به ملاقاتن جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*