الطاف حسين هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

الطاف حسين هڪ ڀيرو ٻيهر  پارٽي قيادت ڇڏڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هو 40 سالن کان گاريون ٻڌي رهيو آهي، ڪارڪنن جي خاموش رهڻ تي کيس شرم ٿو اچي، متحده اڳواڻ اڄ ئي پنهنجي نئين سربراهه جو فيصلو ڪن، الطاف حسين جي اعلان بعد ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن به استعفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو تي پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي الطاف حسين چيو ته سندس اڄوڪو خطاب مختلف آهي ۽ هو ٻيهر ڪارڪنن کي رات جو خطاب نه ڪندو.

الطاف حسين چيو ته هــــُو ڪارڪنن جي ڪري ئي 25 سالن کان جلاوطني ڪاٽي رهيو آهي، پر ڪارڪنن کيس گاريون ڏيندڙن خلاف نوٽيس نه ورتو جيڪا هن لاءِ شرم جي ڳالهه آهي.

هن چيو ته هاڻ جيڪڏهن ڪير گار ڏيندو ته کيس افسوس نه ٿيندو.

الطاف حسين عمران خان تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ سربراهه کيس قاتل قرار ڏئي رهيو آهي، جيڪڏهن هــــُو قاتل هجي ها ته ايتري گار گند باوجود کيس ڪيئن بخش ڪري ها.

سندس چوڻ هو ته هو مهاجر قوم جي نمائندگي ڪندڙ جماعت جو سربراهه آهي کيس ملندڙ هر گار قوم کي ملي رهي آهي، هو پنهنجي لاءِ ته گاريون برداشت ڪري سگهي ٿو، هن جي قوم سان محبت جي سڀني کي خبر آهي.

ايم ڪيو ايم سربراهه چيو ته هو اڄ کان پاڻ کي پارٽي کان ڌار ڪري رهيو آهي ۽ ڪارڪن به کائنس پاسو ڪري وڃن.

هن چيو ته پارٽي ۾ سينيئر ڪارڪن فاروق ستار، زرين مجيد، عارف خان محمد حسين يا انهن جهڙا ٻيا پراڻا ماڻهو موجود آهن تنهنڪري انهن مان ڪنهن هڪ کي سرابراهه چونڊيو وڃي.

ايم ڪيو ايم سربراهه جو چوڻ هو ته هو هاڻ قوم سان مضمونن ذريعي رابطي ۾ رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*