اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي

اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي.

آصف زرداري ڪراچي جي بئڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، جتي عدالت 20 لک رپين جي عيوض سندس عبوري ضمانت منظور ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران آصف زرداريءَ جي وڪيل فارق ايڇ نائيڪ  موقف اختيار ڪيو ته ڪيس کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به 15 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت منظور ڪئي، ان ڪري گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت منظور ڪئي وڃي.

عدالت آصف زرداريءَ جي گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت منظور ڪندي ضمانت لاءِ  20 لک رپيا روڪ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، جنهن کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي 4 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

يادر هي ته بئڪنگ ڪورٽ ان کان اڳ آصف زرداري  جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا هئا، جنهن تي هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت حاصل ڪئي هئي ۽ ان دوران عدالت کيس 3 سيپٽمبر تائين لاڳپيل ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم پڻ ڏنو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*