سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾پي ٽي آءِ جي صدارتي اميدوار عارف علوي خلاف درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾پي ٽي آءِ جي صدارتي اميدوار عارف علوي خلاف درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عارف علوي جعلسازي ۾ ملوث آهي، ان ڪري هو صدارتي اميدوار جي اهل ناهي، عدالت درخواست کي بڌڻ جوڳو قرار ڏيندي ڌرين کي 25 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو.

تحريڪ انصاف  طرفان صدارتي عهدي لاءِ نامزد اميدوار عارف علوي خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي، جنهن ۾ درخواست گذار ڄاڻايو آهي ته  عارف علويءَ علويه ٽرسٽ جي ميمبر جي حيثيت ۾ جعلسازي ڪئي آهي.

درخواست گذار موجب صدارتي عهدي لاءِ پي ٽي آءِ جي نامزد اميدوار زمين تي قبضي لاءِ عدالتي رڪارڊ ۾ ڦير ڦار ڪئي ۽  اهو معاملو ڪيترن ئي سالن کان عدالتن ۾رولڙي هيٺ آهي.

 درخواست گذار ڄاڻايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي موجوده چيف جسٽس 4 سال اڳ ان فيصلي جو حڪم به ڏنو هو پر اڃا تائين فيصلو ناهي ٿي سگهيو، جيڪڏهن عارف علوي صدر بڻجي ويو ته پوءِ کيس ڇوٽ حاصل ٿي ويندي.

 درخواست گذار جو  موقف ٻڏڻ بعد عدالت جو چوڻ هو ته هي پراڻو معاملو آهي، الزام هيٺ آيل شخص  تي صدارتي ڇوٽ لاڳو نه ٿيندي.

عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ عارف علوي خلاف درخواست ٻڌڻ جوڳي قرر ڏيندي   25 سيپٽمبر تي ڪيس جو سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*