سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاليسي ٺاهڻ حڪومت جو ڪم آهي

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاليسي ٺاهڻ حڪومت جو ڪم آهي، گذريل ڏينهن وزيراعظم سان ملاقات دوران آرمي چيف واضح ڪيو ته پاڪ فوج ٻين ادارن جيان حڪومت جي ماتحت آهي، حڪومت جي هر پاليسي تي عمل ڪرڻ جِي پابند آهي ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ادارا نه رڳو هڪ پيج تي آهن، پر ڪتاب به هڪ ئي پڙهي رهيا آهن، ڀارت سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ ايجنڊا آهي.

: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته  گذريل ڏينهن جي ايڇ ڪيو ۾ وزيراعظم کي اهم بريفنگ ڏني وئي، جنهن جو تعلق ملڪي دفاع، سلامتي ۽ حساس معلومات هو.

هن چيو ته وڏي خوشي جي ڳالهه آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نه رڳو ادارا هڪ پيج تي آهن پر هڪ ئي ڪتاب پرهي رهيا آهن، سمورن لاڳاپيل ادارن جي گڏيل حڪمت عملي سان اڳتي وڌي سگهجي ٿو.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات دوران آرمي چيف واضح ڪيو ته پاڪ فوج ٻين ادارن جيان حڪومت جي ماتحت ادارو آهي.

هن چيو ته گذريل ڏينهن ڪشمير جي معاملي تي ڳالهيون ٿيون، ڪشمير تي پاڪستان ڀارت وچ ۾ جنگ ٿي چڪي آهي، انهي ڪري ڪشمير معاملي کانسواءِ اسٽريٽجڪ ڳالهيون مڪمل نه ٿيون ٿي سگهن.

اطلاعات واري وزير چيو ته ماضي ۾ مودي، نواز شريف ۽ اردوان جا لڳاپا هئا پر پي ٽي آءِ جي حڪومت جي پاليسين ۾ فرق آهي، اسان جي حڪومت ۾ رياست جي سطح تي لاڳاپا هوندا ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ کڻي هلبو.

فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ترڪي ۽ او اءِ سي کي به سفارتڪاري ۾ شامل ڪيو اهي، اسان ڀارت سان پر امن لاڳاپا چاهيون ٿا.

هن چيو ته ڀارت سان لاڳاپن ۾ استحڪام ضروري آهي، اسان پاڪستان ۾ استحڪام چاهيون ٿا ۽ افغانستان  ۾ استحڪام جا خواهشمند آهيون، آرمي چيف افغانستان جا دورا ڪري چڪو آهي، هن افغان صدر کي مڪمل سهڪارجو به چيو هو.

فواد چوڌري  ته چين  جو پاڪستان ۾ وڏو اقتصادي مفاد آهي، سي پيڪ چين ۽ پاڪستان وچ ۾ جيو اڪنامڪ معاهدو آهي. سي پيڪ تحت 42 ڊالر جا وڌيڪ منصوبا اچڻا آهن.

هن چيو ته چين سان لاڳاپن جو مطلب اهو نه آهي ته روس سان لاڳاپا نه رکيا وڃن ۽ آمريڪا سان لاڳاپا خراب هجن، اسان چاهيون ٿا ته روس به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري.

فواد چوڌري چيو ته گستاخ خاڪن جي خلاف احتجاج جو سڏ واپس ورتو ويو اهي، پاڪستان جي ڪوششن بعد نيدرليند مقابلو ملتوي ڪرايو. هائلينڊ جي حڪومت انهن خاڪن جي حق ۾ نه هئي،  خاڪن سان مسلمانن ۾ فتنو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*