خيرپور جي عدالت اجتماعي زيادتي جي ڪيس ۾ ٽن جوابدارن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي

خيرپور جي عدالت اجتماعي زيادتي جي ڪيس ۾ ٽن جوابدارن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، جوابدارن خلاف 4 سال اڳ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

 دهشتگردي ٽوڙ عدالت اجتماعي زيادتي جو ڏوهه ٿابت ٿيڻ تي جوابدار سليم ڀيلار ۽ فرحت ڀيلار کي 2- 2 دفعا عمر قيد۽ ٻه ٻه لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.

عدالت ساڳئي ڪيس ۾جوابدار شاهه محمد ڀيلارکي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

سزا ٻڌائڻ بعد ٽنهي جوابدارن کي حراست ۾ وٺي کين سينٽرل جيل سکر موڪليو ويو آهي.

 جوابدارن خلاف 4 سال اڳ ناري عابده ڀيلار سان اجتماعي زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*