ڪراچي جي گڏاپ ٽائون ۾هاءِ ٽينشن تار ڪرڻ سبب ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾نينگر جون ٻئي ٻانهون سڙي وڃڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪري

ڪراچي جي گڏاپ ٽائون ۾هاءِ ٽينشن تار ڪرڻ سبب ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾نينگر جون ٻئي ٻانهون سڙي وڃڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪري پوليس ڪي اليڪٽرڪ آفيس تي ڇاپو هڻي 7 ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو.

احسن آباد واري علائقي ۾هاءِ ٽينشن تار ڪرڻ سبب ڪرنٽ ۾ عمر نالي هڪ نينگر جون ٻئي ٻانهون سڙي وڃڻ واري واقعي جو ڪيس متاثر نينگر جي والد محمد عارف سائيٽ سپر هاءِ وي ٿاڻي تي ڪي اليڪٽرڪ گڏاپ ٽائون مئنيجمينٽ خلاف داخل ڪرايو.

ڪيس ۾ ڪي اليڪٽرڪ گڏاپ ٽائون  جي مئنيجمينٽ کي نامزد ڪيو ويو.

ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس جي وڏي نفريءَ ڪي اليڪٽرڪ گڏاپ ٽائون تي ڇاپو هڻي ڪي اليڪٽرڪ  جي 7 ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدارن کان نينگر عمر  جي معاملي تي جاچ  ڪئي پئي وڃي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن احسن آباد واري علائقي ۾ هاءِ ٽينشن تار ڪري پئي هئي، جنهن ۾ نينگر عمر  وچڙي پيو هو ۽ ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾نينگر جون ٻئي ٻانهون ضايع ٿي ويون هيون………..a

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*