حيدرآباد ۾ روزاني ڪاوش جي وين کي ٽرڪ جو ٽڪر، نتيجي ۾ ڊرائيور عبدالستار جاگيراڻي فوت ٿي ويو

حيدر آباد ۾ واڌو واهه واري علائقي ۾ ٽرڪ  روزاني ڪاوش جي  روڊ تي بيٺل وين کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ وين ڊرائيور عبدالستار جاگيراڻي فوت ٿي ويو، جنهن جي وارثن ٽرڪ ڊرائيور جي گرفتاري لاءِ نيشنل هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

واڌو واهه وٽ بيٺل روزاني ڪاوش جي وين کي تيز رفتار ٽرڪ ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ قمبر واسي وين ڊرائيور عبدالستار جاگيراڻي فوت ٿي ويو.

عبدالستار جاگيراڻي جي فوت ٿيڻ بعد سندس وارثن ٽرڪ ڊرائيور جي گرفتاري لاءِ نيشنل هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻوهنيو، جنهن کانپوءِ  ڀٽائي ننگر پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو .

فوتي ڊرائيور عبدالستار جاگيراڻي  جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ حيدر آباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*