ڪراچي ۾عبد الله شاهه غازيءَ جي ميلي جون تياريون زور شور سان جاري آهن

ڪراچي ۾عبد الله شاهه غازيءَ جي ميلي جون تياريون زور شور سان جاري آهن، آءِ جي سنڌ پوليس، ميلي جي موقعي تي سڪيورٽي جا غير معمولي قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سمنڊ ڪناري مشهور صوفي بزرگ عبد الله شاهه غازيءَ جي ميلي جون تياريون  جاري آهن، ڏورانهن علائقن مان عقيدتمند پهچڻ شروع ٿي ويا آهن.

آءِ جي سنڌ پوليس امجد جاويد سليمي پوليس کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته  عبد الله شاهه غازي  جي ميلي جي ٽن ڏينهن واري تقريبن جي موقعي تي سڪيورٽي جا غير معمولي قدم کنيا وڃن.

هن چيو ته ضلعي پوليس سڪيورٽي پلان تحت انٽيليجنس ڪليڪشن ۽ شيئرنگ، پئٽرولنگ، اسنيپ چيڪنگ، پڪٽنگ، ريڪي، نگراني، ناڪابندي، سرچنگ ۽ ٽارگيٽڊ آپريشنز  جهڙن قدمن کي وڌيڪ سخت مربوط ۽ غير معمولي بڻايو وڃي ته جيئن امن امان جي حالتن تي ڪنٽرول، شهرين جي جان مال  جي سلامتي سميت دهشتگردن ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث عناصرن کي  قانون جي گرفت ۾آڻي هر ممڪن قدم يقيني بڻايا وڃن…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*