لاهور ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر ٿومس ڊريو مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف سان ملاقات ڪئي

لاهور ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر ٿومس ڊريو مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. شهباز شريف چيو ته اسان پاڪستان ۾ مثبت ۽ تعميري اپوزيشن جي روايت قائم ڪنداسين

لاهور ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر ٿومس ڊريو جي مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن  تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات دوران برطانوي هاءِ ڪمشنر ميان شهباز شريف جي حڪومتي دور ۾ ڪيل ترقياتي ڪمن جي واکاڻ ڪئي.

برطانوي هاءِ ڪمشنر چيو ته شهباز شريف جي دور ڪيل ترقياتي ڪم سڀني لاءِ رول ماڊل آهي.

شهاز شريف تعليم شعبي ۾ ڊي ايف آءِ ڊي جي سهڪار تي برطانوي حڪومت جا ٿورا مڃيا.

شهباز شريف چيو ته اسان پاڪستان ۾ مثبت ۽ تعميري اپوزيشن جي روايت کي قائم ڪنداسين…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*