وزيراعظم عمران خان  سنڌ جي گورنر  عمران اسماعيل ۽ ايم ڪيو ايم جي وفد ملاقات ڪئي

وزيراعظم عمران خان  سنڌ جي گورنر  عمران اسماعيل ۽ ايم ڪيو ايم جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي شهر جي مسئلن جي مڪمل ڄاڻ آهي، اهڙي شهر ۾ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ فڪر جوڳو آهي. ملڪي معشيت جي ترقي ۽ استحڪام ۾ ڪراچي جو ڪردار اهم آهي.

وزيراعظم عمران خان  سنڌ جي گورنر  عمران اسماعيل ملاقات ڪئي. جنهن دوران ڪراچي جي موجوده صورتحال ۽ شهرين جي مسئلن سميت سنڌ جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ڪراچي شهر جي مسئلن جي مڪمل ڄاڻ آهي، اهڙي شهر ۾ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ فڪر جوڳو آهي.

وزيراعظم چيو ته ملڪي معشيت جي ترقي ۽ استحڪام ۾ ڪراچي جو ڪردار اهم آهي.

وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ امن ۽ امان جي صورتحال وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ عوام کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ حڪومت هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي.

حڪومت طرفان اعتماد جو اظهار ڪرڻ ۽ اهم ذميواري ڏيڻ تي سنڌ جي گورنر وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.

ان کانپوءِ ايم ڪيو  ايم جي وفد وزيراعظم عمران خان ملاقات ڪئي.

ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر فروغ نسيم، امين الحق، ڪنور نويد، نسرين جليل ۽ ميئر ڪراچي وسيم اختر شامل هو.

ملاقات دوران سياسي معاملن، صدارتي چونڊ، سنڌ صوبي جي مسئلن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.

وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شهرين جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت طرفان هر سهڪار فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*