ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ جيڪي 10 ماڻهو  ٽيڪس ريٽرن فائل ڪري رهيا آهن

ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ جيڪي 10 ماڻهو  ٽيڪس ريٽرن فائل ڪري رهيا آهن، انهن کي 30 لکن تائين پهچائڻ جي گنجائش آهي، ملڪ ۾ 15 لک 11 هزار 820 ماڻهن ٽيڪس جمع ڪرايو ، ٻن سالن کان پرڏيهي مٽا سٽا واري ناڻي جا ذخيرا هڪ هنڌ بيٺل آهن، پرڏيهه مان وڌيڪ شين کي گهرائڻ تي به غور ويچار ڪري رهيا آهيون.

سينيٽ جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي پرڏيهي وزير اسد عمر چيو ته ملڪ جي اڪثر آبادي ٻن ڊالرن کان گهٽ ڪمائيندي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ 40  سيڪڙو آبادي جي عمر 18 سال کان گهٽ آهي. انهن کان ٽيڪس اوڳاڙڻ جي گنجائش نه آهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ 15 لک 11 هزار 820 ماڻهن ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرايا، جڏهن ته 5 لک ماڻهن ٽيڪس ريٽرن فائل ناهن ڪرايا.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ جا 10 لک ماڻهو ٽيڪس ريٽرن فائل ڪري رهيا آهن،  جنهن کي 30 لک تائين وڌائڻ جي گنجائش موجود آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سڪوڪ بانڊ ۽ ڊائسپورا بانڊز جو فيصلو ٿي چڪو آهي، ايف بي آر جي چيئرمين سان گڏ ڇنڇر ڏهاڙي اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ ٽيڪس سڌارن جي حڪمت عملي تي ڪم ڪيو ويندو.

اسد عمر چيو ته پهرين ملڪ ۾ ٽيڪس سڌارن تي گهڻو ڪم ٿيو آهي، هاڻ به ٽيڪس سڌارن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اسد عمر اڳوڻي ناڻي واري صلاحڪار هارون اختر جي واکاڻ ڪندي چيو ته جن به ڪاروباري شخصيتن سان مليس، انهن هارون اختر جي تعريف ڪئي.

هن چيو ته ٽيڪس سڌارن تي عملدارآمد دوران ايندڙ رنڊڪن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته غير ملڪي مٽا سٽا  واري ناڻي جا ذخيرا هڪ هنڌ رڪجي ويا آهن، سعودي عرب مان پيسو اچڻ گهٽجي ويو آهي.

اسد عمر چيو ته ناڻي ۾ گهٽتائي جو سڀ کان وڏو سبب سعودي عرب ۾ مزدورن جي پاليسي ۾ تبديلي آهي. پر آمريڪا ۽ برطانيا مان ناڻي ۾ اضافو ٿيو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*