لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزائن کي درست قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزائن کي درست قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت نيب آرڊيننس 1999 کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت سموريون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزائن خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.

درخواستن جي ٻڌڻي جسٽس شاهد وحيد جي سربراهي ۾ ٽه رڪني فل بينچ ڪيس ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذارن طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته نيب آرڊيننس ٺهڻ جي 120 ڏينهن کانپوءِ غير موثر ٿي ويو هو، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ به نيب آرڊيشنن پنهنجي جڳهه تي موجود آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ڪئپٽن رٽائرڊ جي سزائن خلاف اپيلن جي ٻڌڻي دوران دليل مڪمل ٿيڻ فيصل محفوظ ڪيو.

ڪجهه دير بعد فيصلو ٻڌائيندي عدالت نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزائن کي درست قرار ڏئي ڇڏيو.

عدالت نيب آرڊيننس 1999 کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت سموريون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*