ايم ڪيو ايم پي ٽي آءِ جي ميمبرن جون منظور ڪيل استعفائون جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

ايم ڪيو ايم سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي چئن ميمبرن جي منظور ڪيل استعفائون جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

ايم ڪيو ايم جي وڪيل محمد شاهد شيخ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ جي چئن ميمبرن استعفائون ڏنيون هيون جيڪي منظور ٿيڻ باوجود اسپيڪر نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو.

ايم ڪيو ايم پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته چئني ايم پي ايز جون استعيفائون منظور ڪري سندن تڪن تي ننڍي چونڊ ڪرائي وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ننڍي چونڊ جو شيڊيول جاري ڪيو وڃي.

ايم ڪيو ايم داخل ڪيل درخواست ۾ چيو آهي ته پي ايس 93، پي ايس 112، 113 ۽ ريزرو سيٽ کي خالي قرار ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*