جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسين عالمي قوتن جي چنبي ۾ ڦاٿل آهيون

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسين عالمي قوتن جي چنبي ۾ ڦاٿل آهيون، اسان جي سياست، معيشت ۽ دفاع دٻاءُ ۾ آهن، پاڪستان کي عالمي معاهدن مان آزاد ڪرايو وڃي، گڏيل مخالف ڌر صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي.

گڏيل اپوزيشن جي صدارتي اميدوار مولانا فضل الرحمان جي ڪوئيٽا ۾ پشتونخوا ميپ جي سربراهه محمود خان اچڪزئي سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران مولانا فضل الرحمان محمود خان اچڪزئي کي صدارتي چونڊن ۾ حمايت جي درخواست ڪئي.

ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ جي سياست، دفاع ۽ معيشت دٻاءُ هيٺ آهن، ملڪ کي عالمي معاهدن مان آزادي ڏيارڻي پوندي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته گڏيل مخالف ڌر صدارتي چونڊن ۾حصو وٺي رهي آهي.

صحافي جي سوال تي محمود خان اچڪزئي چيو ته ڪيڏو مزو ايندو جڏهن وزيراعظم عمران خان ۽ صدر وري مولانا فضل الرحمان هجي، اصل تبديلي اها ئي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*