آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان جي ايڇ ڪيو ۾ ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف ۽ پرڏيهي آفيس ۾ شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان جي ايڇ ڪيو ۾ ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف ۽ پرڏيهي آفيس ۾ شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي، آرمي چيف چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ مخلصاڻو قدم کڻي رهيو آهي. جواد ظريف چيو آهي ته ايران پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ  تي خوش آهي.

آءِ ايس پي آر موجب، ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف پاران جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻطرفي دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات دوران خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب، ايراني پرڏيهي وزير خطي ۾ امن لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ مخلصاڻا قدم کڻي رهيو آهي.

ان کان اڳ پرڏيهي آفيس ۾ پرڏيهي وزير  شاهه محمود قريشي سان ايراني هم منصب جواد ظريف ملاقات ڪئي،جنهن دوران  گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي جواد ظريف چيو ته ايران پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي خوش آهي، اسان خطي جي سڪيورٽي ۽ امن لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.

ايراني پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستاني وفد سان ملاقات مثبت رهي، پاڪستان سان گهڻ رُخي سهڪار موجود آهي.

ٻئي طرف شاهه محمود قريشي چيو ته ايران ۽ پاڪستان پاڙيسري آهن، چئلينجز به گڏيل آهن، اڳتي وڌڻ لاءِ خيالن جي مٽاسٽا ضروري آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته نئين حڪومت بعد جواد ظريف دورو ڪندڙ پهريون پرڏيهي وزير آهي، ملاقات جو مقصد امن، استحڪام ۽ خوشحالي آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*