وزير اعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي لاهور پهتل آهي، جتي پنجاب ڪابينا جي ميمبرز کي خطاب سان گڏ پارٽي  اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو

وزير اعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي لاهور پهتل آهي، جتي پنجاب ڪابينا جي ميمبرز کي خطاب سان گڏ پارٽي  اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري موجب، وزير اعظم عمران خان ٻن ڏينهن جَي دوري تي لاهور پهتل آهي.

وزير اعظم عمران خان  پنجاب ڪابينا جي ميمبرز کي خطاب ڪندو، جڏهن ته کيس صوبي جي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ به ڏني ويندي.

ذريعن موجب، وزير اعظم عمران خان پنجاب ڪابينا جي ميمبرز سان ملاقات به ڪندو، جنهن دوران حڪومتي معاملن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*