ننڍي چونڊ ۾ ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ سمنڊ پار پاڪستانين جي رجسٽريشن جو عمل اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي

ننڍي چونڊ ۾ ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ سمنڊ پار پاڪستانين جي رجسٽريشن جو عمل اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي، جيڪو 15 سيٽمبر تائني جاري رهندو.

اليڪشن ڪميشن موجب، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت رجسٽريشن اڄ کان شروع ٿيندي.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب، ووٽرز جي رجسٽريشن جو آن لائين سسٽم نادرا جي مدد سان هلايو ويندو.

ترجمان جو چوڻ آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني آفيشل ويب سائيٽ تي چيڪ ڪري سگهن ٿا ته ڪهڙن تڪن تي ننڍي چونڊ ٿي رهي آهي.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ننڍي چونڊ ۾ ووٽ جو حق ڏيڻ بابت حڪم ڏنو هو، جنهن تي اليڪشن ڪميشن رجسٽريشن جو عمل شروع ڪيو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*