سول ايوي ايشين اٿارٽي، شاهين ايئر کي حج آپريشن لاءِ اڏامن جي اجازت ڏيندي لائسنس ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

سول ايوي ايشين اٿارٽي، شاهين ايئر کي حج آپريشن لاءِ اڏامن جي اجازت ڏيندي لائسنس ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

سول ايوي ايشن پاران شاهين ايئرلائين جي لائسنس ۾ واڌ جي منظوري کان انڪار سبب ساڍا 3 سئو حاجي گذريل ڏينهن کان مدينه ايئرپورٽ تي ڦاٿل آهن.

سول ايوي ايشن ايئرلائين جي پبلڪ ٽرانسپورٽ لائسنس ۾ واڌ ۾ انڪار ڪندي چيو هو ته شاهين ايئرلائين جج پانڌيئڙن جي ڏيهه واپسي لاءِ متبادل اڏامن جو بندوبست ڪري.

سول ايوي ايشن جو چوڻ آهي ته شاهين ايئرلائين انٽرنيشنل جو ريگولر پبلڪ ٽرانسپورٽ لائسنس 30 آگسٽ تي ختم ٿي چڪو هو ۽ هڪ ارب 40 ڪروڙ روپين جي رهتن سبب ڪارروائي ڪئي وئي.

واضح رهي ته شاهين ايئر ۽ سول ايوي ايشن وچ ۾ ادائيگين جو تڪرار  پراڻو آهي، جنهن سبب مختلف ملڪن ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڏکيائيون ڀوڳڻيون پيون، سپريم ڪورٽ کي به انهيءَ تڪرار جي حل لاءِ مداخلت ڪرڻي پئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*