سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ضياءُ الدين، جناح اسپتال ۽ ڪارڊيولاجي جو دورو ڪري سياسي قيدين جي ڪمرن تي ڇاپا

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ضياءُ الدين، جناح اسپتال ۽ ڪارڊيولاجي جو دورو ڪري سياسي قيدين جي ڪمرن تي ڇاپا، جتان غير لاڳاپيل شيون مليون.

چيف جسٽس ضياءُ الدين اسپتال جي دوري دوران پ پ  ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ جي ڪمري ۾ به ويو.

چيف جسٽس پاران شرجيل ميمڻ جي ڪمري جي معائني دوران شراب جون 3 بوتلون، سگريٽس ۽ ٻيون شيون مليون، جتي علاج جون ڪي به شيون موجود نه هيون.

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ضياءُ الدين اسپتال جي دوري دوران شراب جون 3 بوتلون مليون آهن، شرجيل انعام ميمڻ چوي ٿو ته شراب جون بوتلون منهنجيون ناهن.

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو ته اٽارني جنرل صاحب هن معاملي کي به ڏسو.

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جناح اسپتال ۽ ڪارڊيولاجي جو دورو ڪري سياسي قيدين جي ڪمن تي ڇاپا هڻي صورتحال جو جائزو ورتو.

چيف جسٽس ڪارڊيولاجي ۾ عبدالغني مجيد ۽ حسين لوائي جي ڪمري تي ڇاپو هنيو، ڇاپي دوران عبدالغني مجيد کي اڳ ئي ايم آر آءِ لاءِ منتقل ڪيو ويو هو .

جوابدار عبدالغني مجيد ۽ حسين لوائي جي ڪمرن مان غيرلاڳاپيل شيون مليون، جيڪي چيف جسٽس ساڻ گڏ کڻي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*