ڪوٽڙي ۾ پوليس جي مبينا تشدد دوران صدمي ۾ دل جو دورو پوڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو

ڪوٽڙي ۾ پوليس جي مبينا تشدد دوران صدمي ۾ دل جو دورو پوڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو، وارثن نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو هنيو آهي.

سائيٽ ٿاڻي جي پوليس خدا جي بستي ۾ هڪ گهر تي چڙهائي ڪري گهر ڀاتين تي مبينا تشدد ڪيو، جنهن دوران صدمي ۾ دل جو دورو پوڻ سبب نوجوان باقر چانڊيو فوت ٿي ويو.

 وارثن فوتي نوجوان جو لاش ڪوٽڙي ريلوي ڦاٽڪ وٽ رکي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي.

مظاهرين چيو ته پوليس سندن گهر تي بنا جواز چڙهائي ڪري عورتن  سميت گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن دوران نوجوان فوت ٿي ويو.

هنن مطالبو ڪيو ته ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڌرڻو جاري رکيو ويندو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن جي موجودگي واري اطلاع تي گهر تي چڙهائي ڪئي وئي، پوليس ڪنهن به گهر ڀاتي تي تشدد ناهي ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*