لاڙڪاڻي ويجهو انڊس هاءِ وي تي سرڪاري اداري جي وين ڪلٽي ٿيڻ سبب جيڪب آباد کان سيوهڻ سکان کڻي ويندڙن مان هڪ ڄڻو فوت

لاڙڪاڻي ويجهو انڊس هاءِ وي تي سرڪاري اداري جي وين ڪلٽي ٿيڻ سبب جيڪب آباد کان سيوهڻ سکان کڻي ويندڙن مان هڪ ڄڻو فوت، عورتن توڙي ٻارن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

جيڪب آباد سوشل ويلفيئر کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر زهرا خاتون طرفان سکان لاءِ پنهنجي عزيزن کي سرڪاري گاڏي ڏني وئي، جيڪا  لاڙڪاڻي جي علائقي رتو ڪوٽ وٽ انڊس هاءِ وي تي گڏهه گاڏي کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي.

حادثي  ۾وين ڊرائيور ٿڏي تي فوت ۽ عورتن توڙي ٻارن سميت 15 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.

ڳوٺاڻن طرفان امدادي ڪاررواين بعد فوتيءَ جو لاش ۽ زخمين کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي فوتيءَ جي سڃاڻپ وين ڊرائيور صدورو خان طور ٿي جڏهن ته زخمين ۾ 20 ورهين جو عارف کوسو. ڏيڍ سال جي ٻارڙي نور الهديٰ، 12 سالن جو مدثر، 16 سالن جو مير هزار خان، 50 سالن جي امام خاتون، 13 سالن جي فردوس، 26 سالن جو صدام ۽ ٻيا شامل آهن.

چانڊڪا اسپتال جي ڊاڪٽرز موجب زخمين کي طبي امداد ڏني وئي آهي، سندن حالت خطري کان ٻاهر آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*