ٿاڻو بولا خان ويجهو پوليس چيڪنگ دوران 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري نشه آور ماوا ۽ مين پڙيون هٿ ڪري ورتيون آهن
ٿاڻو بولا خان ويجهو پوليس چيڪنگ دوران 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري نشه آور ماوا ۽ مين پڙيون هٿ ڪري ورتيون آهن.
پوليس مول ڀرسان ڪار مان چيڪنگ دوران نشي آور ماوا مين پڙي جون هڪ هزار کان وڌيڪ پڙيون هٿ ڪيون، جڏهن ته پوليس ڪار ۾ سوار جوابدار منير ٻرو ۽ جاويد ٻرو کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪيتري عرصي کان نشي آور شيون ڪراچي مان آڻي ڪوهستان جي علائقي ۾ وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث آهن.
پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي……..