ملڪ جي پهرين عورت چيف جسٽس طاهره صفدر بلوچستان هاءِ ڪورٽ جِي چيف جسٽس طور عهدي جو حلف کڻي ورتو

ملڪ جي پهرين عورت چيف جسٽس طاهره صفدر بلوچستان هاءِ ڪورٽ جِي چيف جسٽس طور عهدي جو حلف کڻي ورتو

گورنر هائوس ۾ حلف برداري تقريب ٿي، جنهن دوران گورنر بلوچستان، جسٽس سيده طاهره صفدر کي هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور حلف کڻايو.

چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جسٽس طاهره صفدر کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور مقرر ڪيو.

 ان کان اڳ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس محمد نور مسڪانزئي هو، جيڪو 31 ڊسمبر تي رٽائر ٿي ويو.

جسٽس سيده طاهره صفدر 5 آڪٽوبر 1957 تي ڪوئيٽا ۾ پيدا ٿي، هوءَ سيد امتياز حسين باقري حنفي جي ڌيءَ آهي.

بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس 1980 ۾ لاڪاليج مان ڊگري حاصل ڪئي ۽ 1982 ۾ پهرين عورت سول جج بڻي.

طاهره صفدر بلوچستان يونيورسٽي مان اردو ادب ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪري چڪي آهي.

هوءَ 1987ع ۾ سينئر سول جج، 1991ع ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ۽ 1996 ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مقرر ٿي هئي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*