سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ شهري تي تشدد ڪندڙ تحريڪ انصاف جي ايم پي اي عمران شاهه کي 15 ڏينهن اندر ڊيم فنڊ لاءِ 30 لک روپيا ڏنڊ طور جمع ڪرائڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ شهري تي تشدد ڪندڙ تحريڪ انصاف جي ايم پي اي عمران شاهه کي 15 ڏينهن اندر ڊيم فنڊ لاءِ 30 لک روپيا ڏنڊ طور جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي پاڻمرادو نوٽيس اڪلائي ڇڏيو.

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪراچي رجسٽري ۾ شهري دائود چوهاڻ تي تشدد بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي.

پي ٽي آءِ ايم پي اي عمران شاهه عدالت ۾ پيش ٿي شهري کي سرعام 3 چماٽون هڻڻ جو اعتراف ڪيو.

چيف جسٽس عمران علي شاهه کي ڇنڊ پٽيندي ريمارڪس ۾ ته اوهان ڇا سوچي شهري کي چماٽون هنيون، ڪو جانور کي به اهڙي طرح ماريندو ناهي.

چيف جسٽس پي ٽي آءِ ايم پي اي سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان عوامي نمائندا آهيو، ڇا ماڻهن تي ائين تشدد ڪندو؟

چيف جسٽس چيو ته مان ٻاهر اچان ٿو، مونکي ماري ڏيکاريو، اهو معاف نه ڪرڻ جوڳو ڏوهه آهي.

چيف جسٽس متاثر شهري سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان معاوضي لاءِ ويهي رهيا، ڇو معاف ڪيو، عزت جو ڪو معاوضو ناهي هوندو.

متاثر شهري دائود چوهاڻ جواب ڏنو ته گورنر سنڌ عمران اسماعيل منهنجي گهر لڙي آيو هو، جنهن تي مون عمران شاهه کي معاف ڪري ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ عمران شاهه کي 15 ڏينهن اندر 30 لک رپيا ڊيم فنڊز ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي پاڻمرادو نوٽيس اڪلائي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*