پاڪستان تحريڪ انصاف جَي صدارتي اميدوار عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان مسئلن جو شڪار آهي

پاڪستان تحريڪ انصاف جَي صدارتي اميدوار عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان مسئلن جو شڪار آهي، سنڌ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت سان سهڪار ڪيو ويندو.

پي ٽي آءِ جو صدارتي اميدوار عارف علوي لاهور پهتل آهي، جتي هو چوڌري ڀائرن سان ملاقات ڪندو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته، کيس صدر ممنون حسين سان نه ڀيٽيو وڃي، هوءَ عوامي مسئلن جي حل لاءِ سرگرم رهندو.

هڪ سوال جي  جواب ۾ عارف علوي چيو ته صدر ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي،صوبي جي ترقي لاءِ پ پ سرڪار سان به سهڪار ڪيو ويندو.

عارف علوي دعويٰ ڪئي ته پيپلز پارٽي، نواز ليگ ۽ ٻين پارٽين جي پارليامينٽرين کيس فون ڪري ووٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*