پيپلز پارٽي اعتزاز احسن کي صدر طور ڪامياب ڪرائڻ لاءِ سياسي پارٽين سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا

پيپلز پارٽي اعتزاز احسن کي صدر طور ڪامياب ڪرائڻ لاءِ سياسي پارٽين سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا، پ پ اڳواڻن اختر مينگل سان ملاقات ڪئي آهي.

پارليامينٽ لاجز اسلام آباد ۾ صدارتي اميدوار اعتزاز احسن ۽ رحمان ملڪ بلوچستان نيشنل پارٽي جَي سربراهه اختر مينگل سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دروان پيپلز پارٽي جي جنرل سيڪريٽري نيئر بخاري ۽ چوڌري منظور به ملاقات ۾ موجود هئا.

ذريعن موجب، ملاقات دوران پ پ اڳواڻ اختر مينگل کي صدارتي چونڊن ۾ اعتزاز احسن جي حمايت جي درخواست ڪئي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اختر مينگل اعتزاز احسن جي حمايت لاءِ پارٽي اڳواڻن سان صلاح مشورن کانپوءِ جواب ڏيڻ لاءِ مهلت گهري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*