سکر ۾غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي اسسٽنٽ رجسٽرار کي هٽائڻ لاءِ شاگردن احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي

سکر ۾غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي اسسٽنٽ رجسٽرار کي هٽائڻ لاءِ شاگردن احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي، شاگردن ڪلاسز جو بائيڪاٽ ڪري پرنسپال آفيس ٻاهران ڌرڻو هڻي ڌمڪي ڏني آهي ته اسسٽنٽ رجسٽرار کي نه هٽايو ويو ته روزاني ڪلاسز جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

جي ايم سي جي شاگردن اسسٽنٽ رجسٽرار الطاف ميراڻي خلاف ڪلاسز جو بائيڪاٽ ڪري پرنسپال آفيس ٻاهران ڌرڻو هنيو ۽ زوردار نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ شاگردن الزام هنيو ته اسسٽنٽ رجسٽرار الطاف ميراڻي مالي مفادن خاطر شاگردن ۽ استادن ۾ گروپ بندي ڪرائي ويڙهائي رهيو آهي.

هنن چيو ته گذريل ڏينهن سب رجسٽرار جي چرچ تي شاگردن جي هڪ گروپ حملو ڪري ٻن شاگردن کي زخمي ڪيو، جيڪي اڃا تائين اسپتال ۾ داخل آهن.

شاگردن انتظاميا کي ڌمڪي ڏني ته اسستنٽ رجسٽرار کي نه هٽايو ويو ته روزاني ڪلاسز جو بائيڪاٽ ڪري پرنسپال جي آفيس ٻاهران ڌرڻو هڻنداسين….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*