ڪراچي جي ضياءُ الدين اسپتال ۾ داخل پ پ  ايم پي اي شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب جون بوتلون ملڻ بعد پوليس ڪمري کي سيل ڪري

ڪراچي جي ضياءُ الدين اسپتال ۾ داخل پ پ  ايم پي اي شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب جون بوتلون ملڻ بعد پوليس ڪمري کي سيل ڪري شرجيل ميمڻ کي سينٽرل جيل منتقل ڪري ڇڏيو.

ڊي آءِ جي جيل ناصر آفتاب ۽ ايس ايس پي ڏکڻ عمر شاهد چيو ته چيف جسٽس جي اسپتال جي دوري دوران شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب جون 3 بوتلون مليون هيون، جنهن کان پوءِ اسپتال جي ڪمري کي سيل ڪري شرجيل ميمڻ کي سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته اسپتال مان شرجيل ميمڻ جي ڊرائيور کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جنهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

ايس ايس پي عمر شاهد چيو ته شرجيل جي ميڊيڪل چيڪ اپ بعد معاملو واضح ٿي ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته شرجيل ميمڻ جي منتقلي کان اڳ سندس رت جا نمونا ورتا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*