نيب چيئرمين نواز شريف خلاف ٻڌڻي هيٺ ريفرنسز جي ٻي عدالت منتقلي بابت فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو
نيب چيئرمين نواز شريف خلاف ٻڌڻي هيٺ ريفرنسز جي ٻي عدالت منتقلي بابت فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو.
نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي نواز شريف ۽ احتساب عدالت جي جج کي ڌر بڻايو.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نواز شريف خلاف ٽئي ريفرنسز اسلام آباد جي احتساب عدالت نمبر ون ۾ داخل ڪيا ويا هئا.
نيب چيئرمين درخواست ۾ ڄاڻايو ته ريفرنسز جي ٻي منتقل يبابت هاءِ ڪورٽ جو حڪم سپريم ڪورٽ جي هدايت جي ڀڃڪڙي آهي.
درخواست ۾ چيو ويو ته هاءِ ڪورٽ کي ڪيس منتقلي جي درخواست ۾ ميرٽ جو جائزو وٽڻ جو اختيار نه هو، نواز شڙيف جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ جج محمد بشير تي تعصب پرستي جو الزام ثابت نه ڪري سگهيو هو.
واضح رهي ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ فيصلي کانپوءِ نواز شريف ٻين ريفرنسز جي ٻڌڻي ٻي عدالت منتقلي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو، ڌرين کي دليل ٻڌڻي کانپوءِ 7 آگسٽ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريفرنسز ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو………