لاهور جِي احتساب عدالت، آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ۾ گرفتار  فواد حسن فواد کي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ منظور ڪندي کيس نيب حوالي ڪري ڇڏيو

لاهور جِي احتساب عدالت، آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ۾ گرفتار  فواد حسن فواد کي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ منظور ڪندي کيس نيب حوالي ڪري ڇڏيو.

لاهور جي احتساب عدالت ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نيب اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي پيش ڪيو.

نيب عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل جي جاچ جاري آهي، جاچ دوران جوابدار فواد حسن فواد اهم انڪشاف ڪيا آهن.

نيب استدعا ڪئي ته جوابدار جي جسماني رمانڊ ۾ 10 ڏينهن واڌ ڪئي وڃي، جيڪا احتساب عدالت منظور ڪري ورتي.

عدالت فواد حسن فواد کي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪندي  ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*