اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ عبوري ضمانت عيوض 20  لکن جا مچلڪا عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ عبوري ضمانت عيوض 20  لکن جا مچلڪا عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا.

آصف زرداري ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ پهچي 20 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرايا، ان موقعي تي عدالت ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا هئا.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته ٻڌو آهي ته هيليڪاپٽر جي في ڪلوميٽر جو ڪرايو 50 کان 55 روپيا آهي.

هن چيو ته جنهن ملڪ ۾ چيف جسٽس ڇاپا هڻي ان بابت ڇا ٿو چئي سگهجي.

آصف زرداري چيو ته ڪورٽن ۾ هزارين ۽ لکين ڪيسز آهن، انهن جي حل لاءِ زور ڏيڻ گهرجي.

گذريل ڏينهن بئنڪنگ ڪورٽ آصف علي زرداري جي 20 لکن عيوض عبوري ضمانت منظور ڪئي هئي.

ساڳي ڪيس ۾ اومني گروپ جو سربراهه انور مجيد، عبدالغني مجيد، حسين لوائي ۽ طحهٰ رضا گرفتار ٿيل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*