ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته شاليمار ڪرپشن اسڪينڊل وارو معاملو چاج لاءِ نيب ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي

 ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته شاليمار ڪرپشن اسڪينڊل وارو معاملو چاج لاءِ نيب ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي، سعد رفيق خلاف ڪابه جاچ نه هلي رهي آهي، ڪانٽريڪٽي ملازم گهر هليا وڃن.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ناقص پاليسين سبب ريلوي کاتو تباهه ٿي ويو، پر هاڻي ائين نه ٿيندو.

هن چيو ته اڳوڻي ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق خلاف ڪابه جاچ نه هلي رهي آهي، ان حوالي سان ميڊيا تي هلندڙ خبرون بي بنياد آهن.

شيخ رشيد چيو ته، هو ريلوي ۾ مقرر ڪانٽريڪٽي ملازمن ۽ آفيسرن کي صلاح ٿو ڏئي ته ايندڙ هفتي کان اڳ گهر هليا وڃن، ادارو ڪانٽريڪٽي ملازمن جون ڳريون پگهارون برداشت نٿو ڪري سگهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*