يمن ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي واپسي جو عمل شروع، 502 شهرين کي پهرين اڏام ذريعي ڪراچي پهچايو ويو

يمن ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي واپسي وارو عمل شروع ٿي ويو آهي، حديده کان 502 پاڪستانين کي کڻي پي آءِ اي  جي پهرين اڏام ڪراچي پهتي آهي،جڏهن ته اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف علائقن سان واسطو رکندڙ  339 مسافرن کي اسلام آباد پهچايو ويو آهي.

يمن جي شهر الحديده کان  502 پاڪستانين کي کڻي پي آءِ اي جو02 7 بوئنگ جهاز ڪراچي ايئرپورٽ پهتو ، جتي نواز ليگ جي اڳواڻ شاهه محمد شاهه، سماجي اڳواڻ انصار برني ۽ مسافرن جي مائٽن  سندن استقبال ڪيو،جڏهن ته وزير اعظم پاران کين گلدستو پيش ڪيو ويو.

ڪراچي پهتل 502 مسافرن مان 339 مسافرن کي پي آءِ اي جي ٻئي اڏام ذريعي ڪراچي کان اسلام آباد پهچايو ويو، شهيد بينظير ڀٽو ايئر پورٽ تي وفاقي وزير پرويز رشيد، نواز ليگ ايم اين اي طارق فضل چوڌري ۽ ٻين عملدارن يمن کان واپس پهتل پاڪستانين جو استقبال ڪيو.

يمن کان ڏيهه پهتل پاڪستانين سان گڏ يمن ۾ مقرر پاڪستاني سفير عرفان  يوسف به پهتو آهي.

پاڪستاني سفير جو چوڻ  هو ته  يمن ۾ صورتحال خراب هئڻ سبب هو يمن ۾ موجود پاڪستانين جي ڪابه مدد نه پيو ڪري سگهي ان ڪري هوبه ڏيهه پهتو آهي.

اسلام آباد ۽ ڪراچي ايئرپورٽ تي پنهنجن پيارن کي ڏسي  ماڻهو خوشي وچان لڙڪ روڪي نه سگهيا، جڏهن ته ڏيهه پهتل پاڪستانين جي گهرن عيد جهڙيون خوشيون آهن.

ڏيهه پهتل 502 مسافرن مان 163 مسافرن کي ڪراچي ۾ لاٿو ويو، جيڪي پنهنجي گهرن تائين پهچي ويا.

يمن کان ڪراچي پهتل پاڪستانين حڪومت جو شڪريو ادا ڪندي چيو آهي ته هنن يمن ۾ تمام گهڻين پريشانين کي منهن ڏنو پر  ديس پهچڻ کانپوءِ ڏکيون گهڙيون وسري ويون آهن.

پي آءِ اختيارين جو چوڻ آهي ته يمن ۾ صورتحال ۾ بهتري اچڻ کانپوءِ ٻئي اڏام کي يمن روانو ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*