بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ مقامي استاد مارجي ويو ۽ سندس پٽ زخمي ٿي پيو

بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ مقامي استاد مارجي ويو ۽ سندس پٽ زخمي ٿي پيو.

ليويز ذريعن موجب، مستونگ جي علائقي ڪنڊوا ۾  ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ مقامي استاد عبدالرئوف مارجي ويو، جڏهن ته سندس پٽ زخمي ٿي پيو.

مارجي ويل استاد جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمي کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو.

ليويز ذريعن موجب، ڌماڪو ان وقت ٿيو، جڏهن عبدالرئوف پنهنجي پٽ سان گڏ پنهنجي ڀاءُ جي قبر تي فاتحه خواني لاءِ وڃي رهيو هو. …..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*