سنڌ هاءِ ڪورٽ خانگي اسڪولن ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ فيس وڌائڻ کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ خانگي اسڪولن ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ فيس وڌائڻ کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته خانگي اسڪول انتظاميه 5 سيڪڙو کان وڌيڪ فيس وڌائي نٿي سگهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 3 رڪني لارجر بئنچ خانگي اسڪولن ۾ فيس وڌائڻ خلاف درخواستن تي فيصلو ٻڌايو.

فيصلي ۾ چيو ويو خانگي اسڪول انتظاميه کي 5 سيڪڙو کان وڌيڪ فيس نه وڌائڻ گهرجي.

ٻارن جي والدين درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته سپريم ڪورٽ چئي چڪي آهي ته 5 سيڪڙو کان وڌيڪ فيس وڌائڻ منافع بخش ڪاروبار جي زمري ۾ اچي ٿو.

والدين جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته رياست کي ڪاروباري اصول واضع ڪرڻ ۽ ناجائز منافعو روڪڻ جا اختيار آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*