خيرپور ناٿن شاهه ويجهو مڙس پيڪين ترسيل زال کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

خيرپور ناٿن شاهه ويجهو مڙس پيڪين ترسيل زال کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

 پوليس موجب ڳوٺ گلڻ لانڊر ۾ جوابدار دلبر گاڏهي پيڪين آيل زال سلميٰ گاڏهي مٿان گهر ۾ گهڙي ڪهاڙين سان حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي مارجي وئي، جڏهن ته مقتول عورت جي ماءُ شهزادي کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪندي زخمي ٿي پئي آهي.

 زخمي عورت کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کيس طبي امداد فراهم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

ذريعن موجب مقتولا عورت ٻن ٻارن جي ماءُ ساهرن کان ڪاوڙجي پيڪن وٽ ترسيل هئي.

 جوابدار قتل واردات ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويو آهي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*