صدارتي چونڊون سڀاڻي ٿي رهيون آهن، تحريڪ انصاف جو اميدوار عارف علوي، پيپلزپارٽي جو اعتزاز احسن ۽ اپوزيشن پاران مولانا فضل الرحمان ميدان تي  لٿل آهن

صدارتي چونڊون سڀاڻي ٿي رهيون آهن، تحريڪ انصاف جو اميدوار عارف علوي، پيپلزپارٽي جو اعتزاز احسن ۽ اپوزيشن پاران مولانا فضل الرحمان ميدان تي  لٿل آهن.  تحريڪ انصاف وٽ سڀ کان وڌيڪ 251 ووٽ آهن، مسلم ليگ ن وٽ 146 ۽ پيپلزپارٽي وٽ 116 ووٽ آهن.

صدارتي چونڊون سڀاڻي ٿي رهيون آهن، تحريڪ انصاف جو اميدوار عارف علوي، پيپلزپارٽي جو اعتزاز احسن ۽ اپوزيشن پاران مولانا فضل الرحمان ميدان تي  لٿل آهن.

صدارتي چونڊ ۾ قومي اسيمبلي، سينيٽ سميت چئني صوبائي اسسيمبلين ۾ ووٽنگ ٿيندي، قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ بلوچستان اسيمبلي جي ميمبرن جو هڪ هڪ ووٽ هوندو.

ٻين صوبائي اسيمبلين پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ اسيمبلي جي ووٽن جي سراسري بلوچستان اسيمبلي جي ووٽن مان ڪڍيو ويندو.

يعني سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سياسي جماعتن جي مجموعي ووٽن کي 60 سان ورهايو ويندو.

انهيءَ فارمولي تحت پنجاب  جي 5.7 ميمبرن جو هڪ ووٽ تصور ڪيو ويندو، سنڌ اسيمبلي جي 2.58 ميمبرن ۽ خيبرپختونخواهه جي 1.9 اسيمبلي ميمبرن جو هڪ ووٽ ڳڻيو ويندو.

هن وقت قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن جو تعداد 330، سينيٽ ۾ 102، پنجاب اسيمبلي ۾ 354، سنڌ اسيمبلي ۾ 165، خيبرپختنوخاهه اسيمبلي ۾ 111 ۽ بلوچستان اسيمبلي ۾ ميمبرن جو تعداد 60 آهي.

انهيءَ طرح وفاقي پارليامينٽ ۾ ۽ سمورن صوبائي اسيمبلين ۾ ٽوٽل ميمبرن جو تعداد 1124 ۽ صدارتي چونڊ جي لاءِ ووٽن 676 آهي.

تحريڪ انصاف جا قومي اسيمبلي ۾ 151 ميمبر آهن، اهڙي طرح صدارتي اميدوار لاءِ تحريڪ انصاف وٽ 151 ووٽ آهن، جڏهن ته سينٽ ۾ پي ٽي آءِ وٽ 12 ميمبر ۽ 12 ووٽ آهن.

پنجاب اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبرن جو تعداد 175 ۽ ووٽ 66 ڏهائي 30 سنڌ اسيمبلي ۾ 29 ميمبر ۽ ووٽ 11.22، خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ 74 ميمبر  ۽ ووٽ 37.79 آهي، جڏهن ته بلوچستان اسيمبلي ۾ 7 ميمبر ۽ ووٽ به 7 آهن.

تحريڪ انصاف وٽ ٽوٽل ميمبر 448 آهن ۽ صدارتي اميدوار لاءِ 251 ووٽ آهن.

مسلم ليگ ن وٽ قومي اسيمبلي  جي ميمبر جو تعداد 81 ۽ سينيٽ ۾ 33 آهي، اهڙي ريت ٻنهي ايوانن ۾ مجموعي ووٽن جو تعداد 114 آهي.

مسلم ليگ جي پنجاب اسيمبلي ۾ 159 ميمبر آهن ۽ ووٽ 27.85، خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ 6 ميمبر ۽ ووٽ 3 ڏهائي 14 آهي، بلوچستان اسيمبلي ۾ هڪ ميمبر ۽ هڪ ووٽ آهي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ ن ليگ جو ڪو به ميمبر نه آهي، ان جي ڪري ڪو ووٽ به نه آهي.

پيپلزپارٽي جا 116 ووٽ آهن، قومي اسيمبلي ۾ 54، سينيٽ ۾ 20 ميمبر آهن، جڏهن ته پارليامينٽ ۾ صدارتي اميداور لاءِ 74 ووٽ آهن.

سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جا 97 ميمبر ۽ ووٽ 37 ڏهائي 52، پنجاب  اسيمبلي ۾ 7 ميمبر ۽ ووٽ هڪ ڏهائي 97، خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ 5 ميمبر ۽ووٽ 2 ڏهائي 62 آهن. جڏهن ته بلوچستان اسيمبلي ۾ ڪو به ميمبر نه آهي.

اهڙي ريت پيپلزپارٽي وٽ پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ ميمبرن جو تعداد 183 ۽ صدارتي ووٽ 116 آهن.

متحده مجلس عمل جا قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ 6ميمبر آهن، اهڙي ريت صدارتي اميدوار لاءِ لپارليامينٽ ۾ ايم ايم اي وٽ 21 ووٽ آهن .

خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ ايم ايم اي وٽ 13 ميمبر ۽ ووٽ 6 ڏهائي 81، بلوچستان 10 ميمبر ۽ ووٽ به 10 آهن، سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ ميمبر ۽ 0.38 ووٽ  آهن  جڏهن ته پنجاب اسيمبلي ۾ ڪو به ميمبر نه آهي.

اهڙي ريت قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ متحده مجلس عمل جي ٽوٽل ميمبرن جو تعداد 45 آهي ۽ وٽس 38 ووٽ آهن.

ايم ڪيو ايم پاڪستان جا قومي اسيمبلي ۾ 7 ميمبر ۽ سينيٽ ۾ 5 ميمبر آهن، اهڙي ريت  پارليامينٽ ۾ ايم ڪيو ايم وٽ 12 ووٽ آهن، جڏهن ته  سنڌ اسيمبلي ۾ 21 ميمبرن سان 8 ڏهائي 12 ووٽ آهن.

ايم ڪيو ايم جي پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان اسيمبلي ۾ ڪا به نمائندگي نه آهي ۽ اهڙي ريت ٽوٽل ميمبرن جو تعداد 33 ۽  صدارتي اميدوار لاءِ 20 ووٽ آهن.

بلوچستان عوامي پارٽي جا 29 ، بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل گروپ جا 14، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جا 9،  مسلم ليگ ق جا 4 ۽ عوامي نيشنل پارٽي جا 10 ووٽ آهن.

جمهوري وطن پارٽي جا 2 ووٽ، پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جا 5 ووٽ، بلوچستان نيشنل پارٽي عوامي جا 2 ووٽ آهن.

قومي اسيمبلي ۾  هن وقت 342 مان 330 ميمبر موجود آهن، 12 سيٽون خالي آهن، اهڙي ريت 330 مان 176 ميمبر پي ٽي آءِ اتحاد  جا آهن، جڏهن ته  اپوزيشن اتحاد وٽ 150 ووٽ آهن، جڏهن ته 4 آزاد اميدوار آهن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*