ڪراچي جي احتساب عدالت  462 ارب روپيا ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي بغير ڪارروائي جي 12 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

ڪراچي جي احتساب عدالت  462 ارب روپيا ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي بغير ڪارروائي جي 12 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ صفدر حسين سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته شرجيل ميمڻ اسپتال جي جنهن ڪمري ۾ هو، ان کي سب جيل قرار ڏنو ويو هو.

هن چيو ته سرڪار ئي شرجيل ميمڻ کي اسپتال کڻائي آئي هئي، اها ئي واپس ڪرائي وئي آهي.

ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته چيف جسٽس جيڪو به ڪم ڪري رهيو آهي، اسان ان جي ساراهه ڪيون ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*