خيبرپختونخواهه جي علائقي ڪوهاٽ ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪندي ٻن اشتهارين سميت 26 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو

خيبرپختونخواهه جي علائقي ڪوهاٽ ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪندي ٻن اشتهارين سميت 26 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب، گرفتار ٿيلن وٽان منشيات ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

ڪوهاٽ ۾ پنڊي روڊ تي مختلف علائقن ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪندي، 60 گهرن جي جهڙتي ورتي.

سرچ آپريشن دوران ڊي ايس پي صدر روخا زيب جي نگراني ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ پوليس ۽ ايليٽ فورس جي وڏي نفري حصو ورتو.

سرچ آپريشن دوران پوليس ٻن اشتهارين سميت  26 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.

 پوليس موجب، حراست ۾ ورتل جوابدارن وٽان منشِات، هٿيار ۽ ڪيترائي ڪارتوس هٿ ڪيا ويا آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*