سُپريم ڪورٽ آءِ جي پنجاب کي پوليس ۾ سياسي مداخلت ۽ اي آءِ جي پنجاب کي خاور مانيڪا جي ڌيءَ سان مبينا بدتميزي واري معاملي جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سُپريم ڪورٽ آءِ جي پنجاب کي پوليس ۾ سياسي مداخلت ۽ اي آءِ جي پنجاب کي خاور مانيڪا جي ڌيءَ سان مبينا بدتميزي واري معاملي جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس هفتي ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته سڀني آءِ جيز کي گهرائي هدايت ڪئي هئي ته سياسي اثررسوخ مان نڪرو ۽ سياسي ماڻهن جي غلامي ڇڏيو، آءِ جي پنجاب مايوس ڪيو، پنجاب جي وڏي وزير کي ڪهڙو حق آهي جو پوليس کي گهرائي اهڙو حڪم ڏئي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڊي پي او پاڪ پتن جي بدلي بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران خاور مانيڪا، احسن جميل گجر، آءِ جي پنجاب ڪلم امام، اڳوڻو ڊي پي او پاڪ پتن رضوان گوندل، وڏي وزير جو پي ايس او ۽ سي ايس او عالت ۾ پيش ٿيا.

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته آءِ جي صاحب، ڇا اوهان کي ڄاڻ هئي ته ڊي پي او کي وڏي وزير گهرايو هو؟ جنهن تي هن چيو ته مون کي ان وقت خبر پئي  جڏهن  ڊي پي او وڏي وزير جي آفيس روانو ٿي چڪو  هو، مون  هن کي چيو هو ته ٻيهر ڪڏهن به وزيراعليٰ آفيس وڃڻ کان اڳ اجازت وٺڻي پوندي.

چيف جسٽس آءِ جي  پنجاب کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ڊي پي او کي وڏي وزير جي آفيس وڃڻ کان ڇو نه ڪيو هو ؟ اوهان وڏي وزير جي پي ايس کي چيو هو ته  مون کي ٻڌائڻ بنا ڊي پي او کي نه ٿا گهرائي سگهو،  ٻڌايو وڃي ته ڊي پي او پاڪ پتن جي بدلي وارو حڪم ڪٿي  آهي؟

جنهن تي  آءِ جي پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته ڊي پي او پاڪ پتن  رضوان گوندل جي بدلي حڪم زباني ڏنو هو.

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته رات هڪ وڳي بدلي ڪيو ويو، اوهان ان وقت ڪٿي هئا، مون اوهان سميت سمورن آءِ جيز کي چيو هو ته سياستدانن جي دٻاءُ ۾ نه اچجو.

چيف جسٽس چيو ته مون اوهان کي چيو هو ته اوهان آزاد ٿي وڃو،آءِ جي پنجاب چيو هو ته بدلي جو حڪم ڏيڻ وقت مان اسلام آباد  ۾ هئس.

چيف جسٽس  پڇا ڪئي ته ڇا اوهان ڊي پي او کان پڇيو هو ته وڏي وزير گهرائي کيس ڇا چيو؟

جنهن تي آءِ جي پنجاب چيو ته واقعي بابت تڪراري ڳالهيون مون وٽ پهتيون، ڊي پي او  پاڪ پتن کي حقيقتن موجب بدلي ڪيو، ڊي پي او رضوان گوندل حقيقتون لڪايون ۽ غلط زباني ڪئي.

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته بدلي جا زباني حڪم ڇو ڏنا، ڇا  صبح نه ٿئي ها، اها فائل ڏيکاريو، جنهن ۾ اوهان بدلي جو حڪم جاري ڪيو.

جنهن تي آءِ جي پنجاب ڪليم امام چيو ته شام 8 وڳي ڊي پي او پاڪ پتن  جي بدلي جو فيصلو ڪيو هو

چيف جسٽس احسن جميل گجر کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ڪير ٿيندا آهيو، بدلي جي هدايت ڪرڻ وارا؟ اوهان وڏي وزير جي آفيس ۾ ڇا ڪري رهيا هئا؟

جنهن تي احسن جميل گجر چيو ته مان ٻارڙن جو گارڊيئن آهيان، مبشريٰ مانيڪا پنج ڏينهن کان پنڌ وڃي رهئي.

چيف جسٽس چيو ته آفريقا سان فون ڪرائي پئي وڃي، ڇا اوهان سمجهون ٿا ته سياسي اثر رسوخ ذريعي پوليس کي ذليل ڪرائي وٺندا؟

رضوان گوندل عدالت کي ٻڌايو ته احسن جميل چيو ته اوهان کي پيغام ڏنو  پر اوهان عمل نه ڪيو، مون کي چيو ويو ته اوطاق تي وڃي معافي گهران.

چيف جسٽش آءِ جي پنجاب کان پڇا ڪئي ته پوليس تي دٻاءُ وجهڻ تي ڪهڙو ڪيس ٺهي ٿو؟ ڪليم امام جواب ڏنو ته احسن جميل خلاف پوليس کي دٻاءُ وجهڻ وارو ڪيس ٺهي ٿو.

سُپريم ڪورٽ آءِ جي پنجاب کي پوليس ۾ سياسي مداخلت ۽ اي آءِ جي پنجاب کي خاور مانيڪا جي ڌيءَ سان مبينا بدتميزي واري معاملي جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ ڊي پي او پاڪ پتن جي بدلي واري پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران پوليس ۾ سياسي مداخلت جي جاچ جو حڪم ڏيندي هڪ هفتي ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*