سکرسول اسپتال جي آپريشن ٿيٽر ۾ سامان جي کوٽ ۽ جرنيٽر خراب هئڻ خلاف سرجيڪل عملي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاج ڪيو

سکرسول اسپتال جي آپريشن ٿيٽر ۾ سامان جي کوٽ ۽ جرنيٽر خراب هئڻ خلاف سرجيڪل عملي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاج ڪيو، هڙتال سبب  آپريشنز ملتوي ڪيا ويا،سرجيڪل عملي جو چوڻ آهي ته ايم ايس کي شڪايتن باوجود مسئلا حل نٿا ٿين.

سول اسپتال جي آپريشن ٿيٽر ۾ سامان جي کوٽ ۽ جرنيٽر خراب هئڻ خلاف سرجيڪل عملي ۽ ڊاڪٽرن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاج ڪيو.

سرجيڪل عملي جي هڙتال سبب رٿيل 17  آپريشنز ملتوي ڪيا ويا، جنهن جي ڪري مريض ۽ سندن وارثن کي سخت تڪليف جو منهن ڏسڻو پئجي ويو.

سرجيڪل عملي جو چوڻ آهي ته آپريشن ٿيٽر ۾ سامان جي کوٽ آهي، جرنيٽر 4 ڏينهن کان خراب پيل آهي.

هنن چيو ته اپريشن ٿيٽر ۾ سامان جي کوٽ بابت  ايم ايس کي بار بار شڪايتن باوجود مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*