وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ آهي

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ آهي، شهر کي ٻين ذريعن مان 683 ملين گئلن پاڻي فراهم ٿئي پيو، چاهيان ٿو شهرين کي سمنڊ جو پاڻي مٺو ڪري فراهم ڪيو وڃي

وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائڻ بابت اجلاس ٿيو.

اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪينجهر مان 583 ملين گئلن پاڻي ملي رهيو آهي، شهر کي هر روز 1100ملين گيلن پاڻي جي ضرورت آهي.

هن چيو ته حب ڊيم مان ڪراچي کي 100 ملين گئلن پاڻي کي ملي پيو، چاهيان ٿو شهرين کي سمنڊ جو پاڻي مٺو ڪري فراهم ڪيو وڃي.

وڏو وزير مراد علي شاهه چيو ته صنعتي علائقن کي 200 ملين گئلن پاڻي گهربل آهي،300ملين گئلن پاڻي لاءِ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائڻ چاهيون ٿا.

هن چيو ته حبڪو به سنڌ سرڪار کي 300 ملين گئلن جو پلانٽ لڳائڻ جي آڇ ڪئي آهي، ڊي سيلينيشن پلانٽ حب ۾ قائم ڪيو ويندو.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي جي ڪچري مان بجلي پيدا ڪرڻ گهرجي،ڪچري مان بجلي پئدا ڪرڻ لاءِ حبڪو کي مدد ڪرڻ گهرجي.

اجلاس ۾ صوبائي وزير سعيد غني، شهلا رضا، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*