پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان افغان هم منصب وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان افغان هم منصب وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان افغان هم منصب فون تي رابطو ڪيو.

ترجمان موجب، شاهه محمود قريشي ۽ افغان پرڏيهي وزير جي فون تي رابطي ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقي سلامتي تي ڳالهيون ڪيون ويون،

ترجمان موجب، ٻنهي اڳواڻن ۾ جلال آباد ۾ پاڪستاني قونصل خاني جي سڪيورٽي تي به خيال جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي ٻنهي ڌرين گڏيل ورڪنگ گروپ تحت سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

ترجمان موجب، پاڪستان طرفان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڀرپور سهڪار جو عزم ورجايو ويو.

پرڏيهي وزيرشاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*