اسلام آباد جي دهشتگدي ٽوڙ عدالت اليڪشن ڪميشن ٻاهران عدليا خلاف نعريبازي وارو ڪيس ۾  4 جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد جي دهشتگدي ٽوڙ عدالت اليڪشن ڪميشن ٻاهران عدليا خلاف نعريبازي وارو ڪيس ۾  4 جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن بعد پوليس کين گرفتار ڪري ورتو.

اسلام آباد جي دهشتگدي ٽوڙ عدالت ۾ اليڪشن ڪميشن ٻاهران عدليا خلاف نعريبازي وارو ڪيس  جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران پيپلزپارٽي جو ڪارڪن عنصر عباس، عبدالرحمان، راجا ظهير ۽ توقير عباسي عدالت ۾ پيش ٿيا.

عدالت درخواستگذارن جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد چئني جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

گرفتاري کان اڳ  ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ بعد پوليس چئني جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

واضح رهي ته جوابدارن تي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف گڏيل اپوزيشن جي اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج دوران عدليا خلاف نعريبازي جو ڪيس داخل آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*